شاهه مراد جي مزار

شاهه مراد جي مزار

شاهه مراد گورستان مڪلي

شاهه مراد گورستان مڪلي: هيءَ قبرستان جنهن بزرگ جي نالي آهي، ان جو پورو نالو سيد محمد حسين عرف پير شاهه مراد شيرازي هو ۽ سندس جنم جو سال 831هه/ 1427ع هو. سندس والد سيد احمد شاهه پنهنجي والد سيد محمد شاهه عرف ميران محمد شاهه سان گڏ 786هه/ 1384ع ۾ شيراز مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيو، جنهن جي ماده تاريخ مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام’ ۾ هيٺينءَ ريت درج ڪئي آهي:
بسم الله الرحمٰن الرحيم”
786 هه/ 1384ع
سنڌ جي هن بزرگ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 12 ربيع الاول 893هه/ 25 فيبروري 1488ع ۾ وفات ڪئي. سمن جي مشهور حاڪم ڄام نظام الدين سندس جنازي نماز پڙهائي، جنهن بعد پير مراد کي سندس والد احمد شاهه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.
شاهه مراد جو گورستان مڪلي ٽڪريءَ تي ڪالڪان ديويءَ جي مندر، فتحي ٽڪر ۽ اسلام پور مسجد جي ڀر ۾ آهي. هيءُ قبرستان دراصل عباسي قاضين (قاضي نعمت الله) وارن جو هو، جنهن ۾ سڀ کان اول پير مراد جو والد سيد احمد (متوفي 845هه/ 1441ع) دفن ٿيو ۽ سيد علي ثانيءَ ان تي مقبرو ٺهرايو. ٿوري عرصي کانپوءِ پير شاهه مراد جي ڏاڏي سيد محمد (متوفي: 10 محرم الحرام 800هه/ 3 آڪٽوبر 1397ع) جو لاش پڻ آڻي هتي دفن ڪيو ويو، جيڪو سيد پور (منڇر) ۾ امانت طور مدفون هو. جڏهن سيد محمد شاهه، سلطان مبارزالدين جي زماني ۾ شيراز کان سنڌ آيو هو ته ساڻس گڏ حافظ شيرازي به گڏ هو، پر قنڌار پهچڻ بعد سيد محمد، حافظ شيرازيءَ کي واپس ايران موڪلي ڇڏيو. اڳتي هلي هيءُ قبرستان هر خاص عام لاءِ زيارتگاهه بنجي ويو. هيءُ قبرستان انجوي شيرازين جو قبرستان ۽ پوءِ ‘شاهه مراد جو گورستان’ سڏجڻ لڳو. شاهه مراد گورستان ۾ ڏکڻ کان داخل ٿيو ته سڄي هٿ تي يعني اوڀر کان مسجد ۽ مجاورن جي رهائش وارين جاين جي وچ ۾ قاضي نعمت الله ۽ سندس خاندان جو قبرستان آهي، جنهن جون سڀ قبرون ساديون ۽ ڪتبي کان سواءِ آهن. داخلي دروازي جي ٻاهران هڪ پٿر جي قبر آهي، جنهن تي پيرانديءَ کان هي ڪتبو لڳل آهي:
مقبره منوره محمد
قاسم جويري (کذا)
بتاريخ 26 ماهه ذيقعده 1251هه
قبرستان جي اتر طرف ديوار کان سٺ ستر قدم پري هڪ مقبرو آهي، جنهن ۾ چار قبرون آهن. روايت آهي ته انهيءَ هنڌ شاهه مراد درس ڏيندو هو، جنهن کي بعد ۾ شاهه مراد چئن شاگردن جي مدفن لاءِ مخصوص ڪيو. قبرساتن جي اترين ديوار سان لڳ احاطي کان ٻاهر شاهه مراد جي والده بي بي فاطمه (17 رمضان 836هه/ 6 مئي 1433ع) جي قبر آهي ۽ سندس والد سيد احمد جي قبر اترينءَ ديوار سان لڳ، شاهه مراد جي مٿن کان ڪٽهڙي کان ٻاهر پهلوءَ تي مڙيل اولهه طرف کان آهي. اهي ٻئي قبرون چوني ۽ گج جون ٺهيل آهن. شاهه مراد جي قبر جي ساڄي دامن ۾ ڪٽهڙي کان ٻاهر ٻه قبرون آهن، جن مان ڪٽهڙي سان لڳ واري شيخ ٽالي جي چئي وڃي ٿي. انهن ٻن قبرن جي پيرانديءَ ۾ ٻيون ٻه قبرون آهن، جن مان اوڀر واري شاهه مراد جي ڀاءُ سيد جعفر شاهه (متوفي 899هه/ 1493ع) جي ۽ اولهه طرف سندس وڏي ڀاءُ سيد علي اول (متوفي 877هه/ 1472ع) جي آهي. قبرن تي ڪو به ڪتبو نه آهي.
‘تذڪره المراد’ جي مؤلف ۽ شاهه مراد جي مريد شيخ حاجي محمد حسين صفائيءَ (متوفي 931هه/ 1524ع) جي مزار احاطي جي اندر ڏاکڻين ديوار ويجهو شاهه مراد جي پيرانديءَ کان ڪجهه وٿيءَ تي آهي.
سيد مراد جي ڪٽهڙي سان گڏ اوڀر يعني کٻي پاسي کان سترهن قبرن جي يڪي قطار آهي، جن مان ڪٽهڙي سان لڳ وارين پهرين پنجن قبرن ۾ دفن ٿيلن جا نالا ترتيب وار هن ريت آهن:
(1) گل حسن شاهه (2) سيد منصور (880 هه/ 1475ع- 968هه/ 1560ع) بن شاهه مراد (3) سيد حماد (884هه/ 1479ع- 916هه/ 1510ع) بن شاهه مراد (4) خدا ڏنو شاهه
(5) نعمت الله (883هه/ 1478ع- 906هه/ 1500ع) بن شاهه مراد انهن سترهن قبرن ۾ مدفون ٻين اهم بزرگن جي نشاندهي نه ٿي سگهي آهي.
شاهه مردان شاهه پير پاڳارو: (ڏسو: ‘پاڳارا خاندان’، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ص 327)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1488.02.25  عيسوي

سنڌ جي هن بزرگ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 12 ربيع الاول 893هه/ 25 فيبروري 1488ع ۾ وفات ڪئي.



قبرستان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستن شهيدن جون قبرون
طلا شاهه جو مقام
سخي ڄام صاحب قبرستان
در سلطان جو مقام
شاهه مراد گورستان مڪلي
پليجن جو قبرستان
سوڍل شاهه جي مزار
عبدالعظيم شاهه جي قبر
سڌور جو قبرستان
شهيدن جو مقام
قبرستان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون